سيد محمد شاهه سنائي

سيد محمد شاهه سنائي: سيد محمد شاهه، مشهور سياسي اڳواڻ سائين جي. ايم سيد جو والد هو. سيد محمد شاهه جي عدل انصاف، سڀاءُ ۽ وڏن توڙي ننڍن سان پيار جي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي ۽ هر ڪو ماڻهو سندس عزت ڪندو هو. سيد محمد شاهه ارڏو زميندار هو، انگريزن جا حڪم نه مڃيندو هو. اُن ڪري هنن سندس سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ سن شهر ۾ پوليس مقرر ڪئي، جنهن کي ’چٽي پوليس‘ سڏيو ويندو هو، ڇو ته انهن کي ماني محمد شاهه کارائيندو هو ۽ سندن رهائش جو بندوبست به هو ڪندو هو. سندس مريد توڙي ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجن فيصلن لاءِ وٽس ايندا هئا ۽ اها نيڪ نامي سندس سؤٽ ستابي شاهه کان برداشت نه ٿي ۽ پنهنجن حامين، چانڊين ۽ ٻين ذريعي سيد محمد شاهه کي جامع مسجد مان تهجد پڙهي موٽندي، 03 رمضان 1323هه/ پهرين نومبر 1905ع تي شهيد ڪرايو. ان کانپوءِ سيد محمد شاهه جي مريدن، معرفاڻي سيدن ۽ ڪوهستان کان آيل عقيدتمدند سيد ستابي شاهه کان پلاند وٺڻ لاءِ هٿياربند ٿي مٿس ڪاهه ڪئي. شاهه صاحب، پنهنجو پٽ هنج ۾ ڪري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو. پلاندين سڄي ڪوٺيءَ کي ڪانن جي دن ڦيرائي، باهه ڏيڻ کان اڳ شاهه صاحب کي چيو ته ننڍڙي ٻار کي ٻاهر ڪڍي. ان تي ستابي شاهه پٽ شهاب الدين شاهه کي ٻاهر ڪڍي ڏنو ۽ هنن ڪوٺيءَ کي ڦيرايل ڪانن کي باهه ڏني ۽ ستابو شاهه اندر سڙي خاڪ ٿي ويو.


لفظ سيد محمد شاهه سنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو